Posted by: sughar on: January 24, 2007
اَگياني تي سلوڪ (1) غيرَتَ مَنجهه غَرَقُ، رَهَنِ جيءَ جهانَ جا، پوُڄِنِ پيرَ فقيرَ کي، رَکي ڦيرُ فَرَقُ، عاشِقَ چَڙهيا اَڇَ تي، لِنوَ سان ٻَڌي لَڪُ، اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ، سامي ڏِسَنِ سُپريِن.
Posted by: sughar on: January 23, 2007
ڪيئي ڏينهن ٿيا، ساميءَ کي نه جهونگاريو آ. سائين ابراهيم جويي جي ”شاهه سچل سامي“ مان ساميءَ جا چونڊ سلوڪ ٿو پڙهندڙن لاءِ لکان؛ عجائب عقل، سالڪ ڏنو سڪ سان، سمجهي روح راضي ٿيو، ڇڏي هنگامو هُل، وحدت ۾ واصل، پرچي ٿيو پريم ۾.
Posted by: sughar on: January 22, 2007
پاتو جَنهن مَرَمُ، پَرچِي پَرڻيتِ سان سي ٽُڪري، پاڻيءَ، لنگ جو عاشق رکن نه غَمُ دوست ٻاجَهون دَمُ، سامي کڻن ڪو نه ڪو
Posted by: sughar on: January 22, 2007
پڙهي قرآن ڪتاب، قاضي ڪوهه قِصا ڪرين؟ ملي وٽ محبوب سان، ڇڏي زور جواب، متان اچي اوچتي، ڪرئي ڪال ڪباب، ٿيندي پوءِ خراب، سج لٿي سامي چوي.