Posted by: sughar on: January 23, 2007
روحل فقير ڪُنڊڙيءَ شريف واري جا هيٺيان اکر دِل تي لکجڻ جا آهن. سندس گهڻو ڪلام سرائڪيءَ ۽ پنجابيءَ ۾ آهي. شاهه عنايت جي مريدي پڙ پيس. چون ٿا ته مرشد چيس ته، اتي رڪجانءِ جتي پاڻمرادو روڪ ٿيئي. ٿيو ايئن جو ڪُنڊڙيءِ جي ڪنڊن ۾ پهراڻ اٽڪي پيس ۽ اتي ئي ڏيرو اڏيائين.