Posted by: sughar on: November 26, 2007
پوئين مئي جي مهيني ۾ مان سنڌ ويس. اتي سچل جي درگاهه ۽ بيدل جي درگاهه تي حاضري ڀري. بيدل جي درگاهه تي ٻه گاديون هيون، هڪڙا ملن جي ٻي صوفين جي! هڪڙي روايت آهي ته؛ هڪڙي ڀيري بيدل فقير گهمندي گهمندي وڃي پني عاقل پُڳو. اتي هڪ عالم ۽ عامل مولوي عبدالقادر رهندو هيو [...]