سُگهَڙَ جا حوال

ڏهن ويرين وچ ۾ آيو آهه انسان

Posted by: sughar on: February 5, 2007

شاهو فقير

روحل جو وڏو پٽ، روحل جو مريد ۽ ساڳي تصوف جي راهه تي هلندڙ. جهنگ ۾ ويهي ڪلام پڙهندو هيو. روحل سان سوال جواب لکيائين تصوف تي. اهي ڪڏهن پوءِ لکندس. پوئين سال سياري ۾ آءٌ جهوڪ ويس ته اتي گهڻا ئي فقير شاهه عنايت جي درگاهه تي آيا. ڪي سگهڙ به هيا. صبح اٿندي ئي ڪلام شروع. جهوڪ جي درگاهه جا شيدائي گهڻيئي آهن، ٻين درگاهن وارا به. آتي هڪڙي فقير کي ڳچ ڪلام ياد هيو ڪنڊڙيءَ وارن جو. حوال ڪندي ٻڌايائين ته اصل اُڏيري لعل جي درگاهه جو آهي، پر ڪندڙي ۽ جهوڪ جا پيو دڳ ڀريندو آهي. جڏهن ان شاهو جو ڪلام پڙهڻ شروع ڪيو ته منهنجا ڳوڙها نه بيهن.  ان ڪلام مان هڪڙو جيڪو منهنجي دماغ تي ويهجي ويو آهي هو عرض ڪجي ٿو. ويرين ۾ ٻه ويري، وتري واري زال ۽ بيٽو بي فرمان، ٻڌايل آهن، جن تي پڙهندڙن کي آءٌ سڏ ڏيندس ته اُهي پنهنجو خيال پيش ڪن…

ڏهن ويرين وچ ۾ آيو آهه انسان،

پهريون ويري هن جو، نفس نجس نادان،

ٻيو ويري تنهن جو شامل آهه شيطان،

ٽيون ويري وترو، آهه صحبت زال زيان،

چوٿون ويري ٿا چون، بيٽو بي فرمان،

پنجون ويري پيٽ آهه، جو نت نت گهري نان،

ڇهون ويري اُڃ آهه، جو بن پاڻي پريشان،

ستون ويري شهوت آهه، جنهن ڪيا هزارين حيران،

اَٺون ويري آڪرو، تڪبر جو طومان،

نائون ويري ننڊ آهه، جو غفلت جو گذران،

ڏهون ويري ڏمر آهه، جو جهل وڏو جولان،

ڏهن ويرين وچ مان، جو کٽي جنگ جوان،

هي سر ڪريان قربان، تنهن سورهيه تا شاهو چوي.

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Connecting to %s


  • None
  • Fayaz A. Shaikh: Sain, I started this blog last year and I havent written it in a while. I will come back to it some day and update more poetry. Thanks for your comme
  • Abdul Haque Chang: Dear Sir, I like this page. This pages provides us other way to look into Sindhi Sufi way. WHo is managing this?
  • nasrullah abro: I like the poetry of Ustad bhukhare. This one is also very messageful poetry for us............ At this time our SINDH needs unity of sindhis , as Us
Follow

Get every new post delivered to your Inbox.