Posted by: sughar on: February 5, 2007
شاهو فقير
روحل جو وڏو پٽ، روحل جو مريد ۽ ساڳي تصوف جي راهه تي هلندڙ. جهنگ ۾ ويهي ڪلام پڙهندو هيو. روحل سان سوال جواب لکيائين تصوف تي. اهي ڪڏهن پوءِ لکندس. پوئين سال سياري ۾ آءٌ جهوڪ ويس ته اتي گهڻا ئي فقير شاهه عنايت جي درگاهه تي آيا. ڪي سگهڙ به هيا. صبح اٿندي ئي ڪلام شروع. جهوڪ جي درگاهه جا شيدائي گهڻيئي آهن، ٻين درگاهن وارا به. آتي هڪڙي فقير کي ڳچ ڪلام ياد هيو ڪنڊڙيءَ وارن جو. حوال ڪندي ٻڌايائين ته اصل اُڏيري لعل جي درگاهه جو آهي، پر ڪندڙي ۽ جهوڪ جا پيو دڳ ڀريندو آهي. جڏهن ان شاهو جو ڪلام پڙهڻ شروع ڪيو ته منهنجا ڳوڙها نه بيهن. ان ڪلام مان هڪڙو جيڪو منهنجي دماغ تي ويهجي ويو آهي هو عرض ڪجي ٿو. ويرين ۾ ٻه ويري، وتري واري زال ۽ بيٽو بي فرمان، ٻڌايل آهن، جن تي پڙهندڙن کي آءٌ سڏ ڏيندس ته اُهي پنهنجو خيال پيش ڪن…
ڏهن ويرين وچ ۾ آيو آهه انسان،
پهريون ويري هن جو، نفس نجس نادان،
ٻيو ويري تنهن جو شامل آهه شيطان،
ٽيون ويري وترو، آهه صحبت زال زيان،
چوٿون ويري ٿا چون، بيٽو بي فرمان،
پنجون ويري پيٽ آهه، جو نت نت گهري نان،
ڇهون ويري اُڃ آهه، جو بن پاڻي پريشان،
ستون ويري شهوت آهه، جنهن ڪيا هزارين حيران،
اَٺون ويري آڪرو، تڪبر جو طومان،
نائون ويري ننڊ آهه، جو غفلت جو گذران،
ڏهون ويري ڏمر آهه، جو جهل وڏو جولان،
ڏهن ويرين وچ مان، جو کٽي جنگ جوان،
هي سر ڪريان قربان، تنهن سورهيه تا شاهو چوي.