Posted by: sughar on: January 24, 2007
صاحبڏنو
ملا، جي محبت جي وَٽي هِڪَ پيئين،
ڇڏي مڪتب معرڪو سوريءَ سر ڏئين،
ڪيئن ٿو تون جيئين ريءَ سِڪَ ”صاحبڏنو“ چوي!
ريءَ سِڪَ ”صاحبڏنو“ چوي ڪوڙئين پڙهن ڪتاب،
ڀڄن غير گناهه کان سوين ڪرن ثواب،
سڻي دهشت دوزخ جي اکين ڀرن آب،
اٿئي سڀ حجاب ريءَ سِڪَ صاحبڏنو چوي.
ريءَ سِڪَ ”صاحبڏنو“ چوي، متان آخوند ڪوٺائين،
ڇڏي مڪتب معرڪو، تون عشق نه اُٺائين
نينهن نه ٿو لائين ڪامل پنهنجي ڪانڌ سان.
ڪامل پنهنجي ڪانڌ اوهان خبر آهي خاصي،
اوڏا ٿيو نه عشق کي اها بات نه اوهان باسي!
آهيو اوهان به اداسي پر ڪاريءَ مس ڪارا ڪيئوُ.