Posted by: sughar on: January 23, 2007
تمام خوبصورتيءَ سان چيل آهي هڪ اهم، گهرو، پر ڄاتل سڃاتل احساس. سادي پر پياري ۽ اثرائتي ٻولي استعمال ڪيل آهي. استاد اسان جو هر هڪ جي دل تي راج ڪندو آهي. هن گيت ۾ ساڳئي احساس کي کڻي ڪري مختلف حلقن جي ماڻهن سان ڳندجڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. مختلف شبيهون ڏئي احساس جي پائداري، گهڻائي، گهرائي (تاريخي هجڻ)، پر نماڻي هجڻ جو احساس پڙهندڙ کي هڪ دم ٿيو وڃي.
مان سندس سان بيماريءَ ۾ جڏهن مليو هيس، اکين ۾ تمام گهڻي گهرائي اچي وئي هيس، شايد زمانو اکين ۾ گهر ڪري ويو هجيس، يا ته سنڌ جي پيڙا جو اٿر هجيس، ڪيئن چئجي. جيئن پاڻ چئي ٿو ته ”هڪ پيار کي ٻيو پاپيءَ کي استاد جو پتو هوندءِ“
هيٺيون گيت بيدل مسرور ڳايو آهي، توڻيجو هندي فلمي گاني جي ڌُن تي ڳايل آهي، پر مون تي شاعري ۽ بيدل جي آواز جي ڪري اثر ڪندو آهي.
بازار ۾ ڏٺو هوندُءِ،
اخبار ۾ پڙهيو هوندُءِ
ها، پيار منهنجو آوارو،
هر موڙ تي مليو هوندُءِ
تارو کڙيو ته مان ڊوڙيس،
اڌ رات جو سڏيو هوندُءِ
آرام جو دلاسو ڏئي،
آزار ۾ وڌو هوندُءِ
اوطاق تا اٿيو، مڇريو،
جنگاهه ۾ گڏيو هوندُءِ
تحريڪ ۾ ويو گم ٿي،
تاريخ ۾ لڌو هوندُءِ
ڪرڻن ڊڪي، جهٽي ورتو،
اونداهه ۾ سٽيو هوندُءِ
مون جو سڏيو سڃاڻي ڇڏ،
هر ڪوٺ سان ڪُٺو هوندُءِ
رڳ رڳ ٽُڪيو، جهُڪيو ناهي
منهنجو اهو ادو هوندُءِ
هڪ پيار کي ٻيو پاپيءَ کي
استاد جو پتو هوندُءِ