Posted by: sughar on: January 23, 2007
سرمد شهيد جا ملان قويءَ کي جواب، نفيءَ ۽ ان جي تَصَوُفي معنيٰ جو تمام اثرائتو حوالو آهن. سرمد هڪ اهم ۽ بنيادي ڳالهه کي تمام سولي طريقي سان بيان ڪيو. سرمد ڪلمو صرف ”لا اِلاهَ“ پڙهندو هيو ،جڏهن ملان قويءَ پڇيس ته ”تون ڪلمو اڌ ڇو ٿو ڀرين؟“. جواب ڏنائين ته ”مان اڃان اهو ئي نه ڄاتو آهي ته ڪو معبود آهي (مان اڃان نفي جي درجي تي آهيان)، جي ڄاڻيم ته چوندم ته اهو الله آهي، جي مان ائين ئي چيو ته الله آهي ته ڪوڙ ڳالهائيندم“ اسان جو سچل ان کي ايئن ٿو چئي؛”لا، نفي“ دا ڪلما سانون، مرشد آپ پڙهايا“
.
شيخ اياز تمام خوبصورتيءَ سان ان جي منطر ڪشي ٿو ڪري
مُلان بنهنجي عماميءَ ۾
سوچي، ڏاڙهي نوچي
”سرمد ڇا ٿو سوچي؟“
دِليءَ جون ديوارون سوچن
چنڊُ قُطب مينار مٿان آ،
ڌرتيءَ تي دستارون سوچن؛
مجري مجري جي پايل ۾
ڇَم ڇَم جون ڇنڪارون سوچن
قِلعي قِلعي اک نه جهپڪي،
رات لڙيءَ للڪارون سوچن
هَٿ هَٿ خوني خنجر سوچي
تاروُنءَ ۾ تلوارون سوچن
دارا جي تقدير نه سوچي
هونءَ ته سڀ درٻارون سوچن
”سرمد ڇا ٿو سوچي؟“
”هِنَ عُريانيءَ جي جامي ۾،
لوُنءَ پَئي ڇا لوچي؟
مُلان بنهنجي عماميءَ ۾
سوچي، ڏاڙهي نوچي
”سرمد ڇا ٿو سوچي؟“
سرمد جون پنهنجون رباعيات يا چوء سٽا به آهن، سرمد جي زندگي ۽ ان جي ملان قويءَ سان ڪچهري جي باري ۾ پڙهي سگهجي ٿو هيٺين حوالي تي؛
http://www.chowk.com/show_article.cgi?aid=00005363&channel=leafyglade%20inn