سُگهَڙَ جا حوال

Archive for January 2007

اَگياني تي سلوڪ

Posted by: sughar on: January 24, 2007

اَگياني تي سلوڪ                   (1) غيرَتَ مَنجهه غَرَقُ، رَهَنِ جيءَ جهانَ جا، پوُڄِنِ پيرَ فقيرَ کي، رَکي ڦيرُ فَرَقُ، عاشِقَ چَڙهيا اَڇَ تي، لِنوَ سان ٻَڌي  لَڪُ، اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ، سامي ڏِسَنِ سُپريِن.

ٽِه سِٽا

Posted by: sughar on: January 24, 2007

ٽِه سِٽا  شيخ اياز   اڙي شڪاري! ھن پنڇي جي ٻولڙي ولر کان نياري.

محبت جي وٽي

Posted by: sughar on: January 24, 2007

 صاحبڏنو ملا، جي محبت جي وَٽي هِڪَ پيئين، ڇڏي مڪتب معرڪو سوريءَ سر ڏئين، ڪيئن ٿو تون جيئين ريءَ سِڪَ ”صاحبڏنو“ چوي!

چوء سٽا

Posted by: sughar on: January 23, 2007

استاد جا جهنڊا وجهو ڊوڙ هيڏي، اچو سڀ وڌي! رني ڪوٽ مان تاج تختي لڌي، پڙهو ڌيان سان ان جا سونا اکر، لکيل لفظ آهن ته ”سنڌي .. ٻڌي“

هڪ پيار کي ٻيو پاپيءَ کي

Posted by: sughar on: January 23, 2007

تمام خوبصورتيءَ سان چيل آهي هڪ اهم، گهرو، پر ڄاتل سڃاتل احساس. سادي پر پياري ۽ اثرائتي ٻولي استعمال ڪيل آهي. استاد اسان جو هر هڪ جي دل تي راج ڪندو آهي. هن گيت ۾ ساڳئي احساس کي کڻي ڪري مختلف حلقن جي ماڻهن سان ڳندجڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. مختلف شبيهون ڏئي احساس جي [...]

ادل سومرو

Posted by: sughar on: January 23, 2007

  ”نئين ٽهيءَ جو اُهو شاعر آهي، فارسي ۽ اردو وزن کي لت هڻي، شعري روايات جي سارا زنجير ثوڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجو ترنم، پنهنجي اندر جي آواز مان اُڀاريو آهي. اڄڪلهه جديد شاعر پاڻ تي ڪو به زنجير رکڻ نٿا چاهين. اُنهن جون اکيون کليل ۽ پير آزاد آهن. ادل سومرو انهن مان [...]

حمل جو شغل

Posted by: sughar on: January 23, 2007

شغل توحيد  هاڻي شغل هڪ سڻ تون هي       سڻ تون طالب عارف ٿي آئيني کي تو هٿ ڪر               تنهن ۾ ڪر تون نيڪ نظر تنهن ۾ ڏس تون صورت آهي      صورت تُنهنجي مورت آهي سمجهه، ڏسڻ ۾ آهن ڏون           تون اُهو، يا اُهو تون

مَين نا خيال هان

Posted by: sughar on: January 23, 2007

جيئن ته لسٽن تي مان مختلف شاعرن جي شاعري موڪليندو آهيان، هفتي ۾ هڪ دفعو سچل سائين جو وارو ايندو آهي، جڏهن سچل جو ڪتاب کڻندو آهيان، ته وري بند نه ڪري سگهندو آهيان. ڇڪي ڇڪي پاڻ ڏانهن وٺي ويندو آهي. ڪٿي مون پڙهيو يا ٻڌو آهي ته ڪي شاعر سڀين جي دلن جو راز [...]

هاديءَ جون هدايتون

Posted by: sughar on: January 23, 2007

    سچل   هدايت 1 رمزان سي هاديءَ جون، ميان، جيڪي چيائون مونکي سي سَلَڻ ناهن، هوءِ هوءِ، ڌريون آهن دل تي! ڳالهيون ڪري ڳُجههَ جون، ٿا صاحب سمجهائين، ”لا اِلٰه“ کَون اڳنان ٿا هادي هلائِين، سَمجهڻ ”سَمَع بَصَر“ جو ٿا فائِقَ فرمائين. ”خوديون خاص نه ڀانئجو هِي نِت نِت نمازان، ڄاڻو ڀَلي ڳالهڙي هِي سوزو [...]

بعضي ڀايان پُتلي

Posted by: sughar on: January 23, 2007

شيءِ آهيان ڪاڪيون ڪهڙي، جا سمجهي نه ڄاڻان! بعضي ڀايان پُتلي، يا آهيان گُڏيءَ ڏور، يا گوءِ آهيان هٿ يارَ جي، يا وانگيءَ وانگر زور



  • None
  • Fayaz A. Shaikh: Sain, I started this blog last year and I havent written it in a while. I will come back to it some day and update more poetry. Thanks for your comme
  • Abdul Haque Chang: Dear Sir, I like this page. This pages provides us other way to look into Sindhi Sufi way. WHo is managing this?
  • nasrullah abro: I like the poetry of Ustad bhukhare. This one is also very messageful poetry for us............ At this time our SINDH needs unity of sindhis , as Us
Follow

Get every new post delivered to your Inbox.