هيٺين پوسٽ اصل ۾ 12 آگسٽ 2005 تي مون لسٽن تي اماڻي
مان سمجهان ٿو ته ٻولي جي جٽاءَ ۽ وڌاءَ تي اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي.
اسان جي مارُن ماڻهن کي توڻيجو جيڪي ٻار نه آهن ڪو ٽائيپ رائيٽر سولائي سان چوڻ ڪونه آيو هيو. نه ئي هاڻي ڪو هو سگنل کي سگنل چوندا آهن (سنگل مون ٻڌو آهي انهن جي واتان). ٻولي ڪٿان هلي ٿي ۽ ڪٿي پڃي ٿي اسان جي هٿن ۾ آهي. مان نه ٿو سمجهان ته سامراجيت ۽ ڪالونائيزاشن (جنهن جي لاءِ مون وٽ هن وقت ڪو لفظ ذهن ۾ نه ٿو اچي)، جي دور ۾ ٿرموميٽر اسان جي سنڌي ماڻهو کي ٻئي سنڌي ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪرڻو پيو، پر انگريز سان ڳالهائڻ ۽ ان جي ڪيفيت محسوس ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻو پيو. مان کي انداذو نه آهي ته اهو لفظ ڪهڙي شڪل وٺي ها جي صرف پاڻ ۾ استعمال ٿئي ها (جيئن سنگل)، جي وڃي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪنهن سان ڳالهائجي ته خبر پوندي ته اهو ڇا ٿو چئي. ٻار ته اسٽيٿو اسڪوپ به چئي ٿو وڃي، ۽ هت امريڪا ۾ ٿينڪيو ۽ گراسيئاس به سمجهي ۽ چئي ٿو وڃي. آبخورو مناسب نه لڳي ته ٺيڪ آ پر ان جو مطلب اهو به نه آهي ته ٻوليدان ان تي ڪم نه ڪن ۽ اسان جي ٻوليءَ ۾ لفظن جو وڌاءُ نه ٿئي. جيئن اسان وٽ ”بخار“ ”تپ“ کي اڻهوند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن سائين گُلَ اها ڳالهه ڪئي ته مون کي سوچي حيراني ٿي ته ”اَڻو“ لفظ مان ڏهه سالن کن کان استعمال نه ڪيو آهي. جي منهنجي اها حالت آهي ته مان ڇا سمجهان ته منهنجو ٻار اهو لفظ هڪ دفعو به استعمال ڪندو؟
اسان جي هٿن ۾ آهي اهو سڀ، جي سوچيون، سمجهون ته ٻولي جيئندي ۽ وڌندي نه ته سائين تنوير واري ڳالهه سچ ٿيندي …
شيخ اياز فائونڊيشن وارن تازو ئي سائين شيخ اياز جو 1947 جو رسالو جيڪو آگسٽ جي مهيني ۾ انهن ڇاپائڻ شروع ڪيو ۽ صرف ٽئي مهينا هليو، ڇپرايو. نالو اٿس ”اڳتي قدم“. انهن ۾ سائين نارائڻ شيام، سائين پنجواڻي، هري دلگير، کيئلداس فاني، لطف بدوي ۽ ڪيترن ئي ٻين جا فني شاهپارا ڇپرايل آهن. انهن مان هڪڙي شماري ۾ سائين شيخ اياز جي هيٺين ڳالهه پڙهي جا انهيءَ حوالي سان آهي ۽ لکان ٿو؛
”انسانذات جو آدرش آهي ”گهڻن ۾ گهڻن جي گهڻي ۾ گهڻي ڀلائي“ اسان جي صورتخطي اهڙي ته تڪليف ڏيندڙ آهي جو ٻار ان کي سکڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا وٺن ٿا، حالانڪه ٻين ٻولين جي صورتخطي سکڻ ۾ صرف ٻي مهينا لڳن ٿا. هيٺين اکرن جي اچار ۾ عرب تفاوت ڪندا آهن باقي سنڌي ته تفاوت ڪو نه ڪندا آهن؛
ا ء ع
ز ذ ض
س ص ث
هه ح
ڪ ق
ت ط
ڇو نه صورتخطيءَ کي سنهنجي بنائڻ لاءِ انهن هم لفظن مان هڪ ڪم آندو وڃي! ڇو نه قسط جي بدران ڪست لکيو وڃي. ڪيتري نه تڪليف گهٽ ٿي وڃي! لفظن جي معنيٰ ته جملي تي مدار ٿي رکي ۽ نه صرف سندن صورتخطيءَ تي. ڇو ته ساڳيءَ صورتخطيءَ وارن لفظن کي به ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون. جڏهن امريڪا ۾ Labour کيLabor ۽ night کي Nite ڪيو ويو ته ڇا اسين ظالم کي زالم ۽ قسط کي ڪست نه ڪري سگهنداسين. مون قبوليو ته اسين اڳينءَ صورتخطيءَ تي هريل آهيون. پر ڇا ”هيريءَ سندي هير ٽنگ ڀڄندي به نه لهندي!“ ڇا انسانذات جي محنت گهٽ ڪرڻ لاءِ اسين اها تبديلي نه آڻيداسين ۽ پنهنجا وهمي دليل ڏئي ان کي ٽارينداسين؟“”
May 27, 2007 at 7:12 pm
helooo sir iam Qadeer Mangrio can i cntribute something here