سُگهَڙَ جا حوال

ايڪائيءَ ۽ هڪ ٿيو

Posted by: sughar on: November 26, 2007

پوئين مئي جي مهيني ۾ مان سنڌ ويس. اتي سچل جي درگاهه ۽ بيدل جي درگاهه تي حاضري ڀري. بيدل جي درگاهه تي ٻه گاديون هيون، هڪڙا ملن جي ٻي صوفين جي! هڪڙي روايت آهي ته؛

هڪڙي ڀيري بيدل فقير گهمندي گهمندي وڃي پني عاقل پُڳو. اتي هڪ عالم ۽ عامل مولوي  عبدالقادر رهندو هيو جنهن کي جڏهن خبر پئي ته هڪ فقير آيو آهي ڳوٺ ۾ ته کڻي حال احوال لئه سڏايائينس. هاڻي فقير ته هيو ئي فقير سو وڃي حاضري ڀريائينس. مولويءَ پڇيس ابا ڪٿي ويٺو آهين؟“ فقير چيس روهڙيءَ ۾“. مولويءَ چيس اُتي جتي جان الله شاهه رهندو هيو ۽ پاڻ کي الله سڏائيندو هيو“، فقير ورندي ڏنائينس ”هائو“. مولويءَ پڇيس ”پوءِ مري ڇو ويو؟ فقير وراڻيس ”الله جو هي به گهر، هو به گهر، وڻيس ته هن گهر ۾ رهي، وڻيس ته هُن گهر ۾ رهي

 ايڪائيءَ ۾ ايڪُ ٿي، سَڀائي صفات

دينُ ڪُفُر نابود ٿيو، طَيءِ ٿي طلسمات

دوُر ڪري درجات، مڙيائي مُحيط ٿيو.

 ايڪائيءَ ۾ ايڪُ ٿيو، سَڀو ڏوههُ ثوابُ،

هستيءَ جو حجابُ هَمه منجه هٽجي ويو

.  

ايڪائيءَ ۾ ايڪُ ٿيو، بيرَنگي ۽ رَنگُ،

وحدَتَ ۾ زائل ٿيو، دُوائيءَ جو زنگُ،

مُلا ۽ مَلَنگُ، حقيقت ۾ هِڪُ ٿيا.

  

حقيقت ۾ هِڪُ ٿيو، ڪُفُر ۽ اِيمانُ،

مَظهَرُ موليٰ پاڪَ جي هندو مسلمانُ،

تارا ڪيا، تالانُ، سوُرَجِ سندي سوجهرو.

  

حقيقت ۾ هِڪُ ٿيو، اَڇو ۽ ڪارو،

نيِنهنَ هَنيو نَعرو، هَرِ مَظهَرَ ۾ هڪڙو.

حقيقت ۾ هِڪُ ٿيو، نُوري ۽ ناري،

دِينُ ڪُفر آهن ٻئي، ڄَڻ هڪ وڻ جي ٽاري،

حاذق هوشياري، رکين اِنهيءَ رموز جي. 

حقيقت ۾ هِڪُ ٿيو، بيراهي ۽ راهه…

نالي مٿان ليڪ واري ڇڏيو

Posted by: sughar on: February 8, 2007

ڪجهه دوستن مون کان پڇيو ته مان هن بلاگ ۾ پنهنجو نالو ڇو نه رکيو آهي. منهنجي اکين اڳيان ڀٽ جي درگاهه جي سامهون وارو ميوزيم ڦرڻ لڳيو. جت هاڻي شيخ اياز جي ڳوري قبر آهي. ڳوري مون ان لاءِ چيو جو سندس مزار وڃي هڪ طرف ويهندي. لڳي ٿو اياز جي شروع وارن ڏينهن ۾ لکيل شاعري نه صرف ماڻهن لاءِ پر هن جي قبر لاءِ به ڳوري آهي. هڻي ماڻهن جي مٽي ڳوهيائين.

ڳالهه پئي هلي ڀٽ جي ميوزيم جي، جت مون ڪيئي نانوَ سواءِ سُگهَڙَ ڏٺا آهن. ويٺا چُپڙي ڪري ناتو نڀائين. هڪ هڪ سٽ کڻي ويٺا پتوڙين. هڪ ڀيري مان به وڃي ويٺو مان ڪچهري ۾، مون سمجهيو پئي ته مان به ڪي ڊڳ ڪتاب پڙهيا آهن سو منهن ڏئي ويندو مان. ٻڌڻ شروع ڪيو ته ڳالهائڻ ئي ڪونه پيو نڪري. چيم ته چپڙي ڪري ڪچهري مان سکان. هڪ هڪ اکر کي کوٽن پيا. نانو ڪنهنجو به مون کي ڪونه هئي خبر. درگاهن تي فقير نانو پويان ڇڏي ايندا آهن، ڪچهرين ۾ سُگهڙ نانو وڃائي ويهندا آهن ۽ حوالن ۾ نانو وساري ويهندا آهن.

Read the rest of this entry »

ڏهن ويرين وچ ۾ آيو آهه انسان

Posted by: sughar on: February 5, 2007

شاهو فقير

روحل جو وڏو پٽ، روحل جو مريد ۽ ساڳي تصوف جي راهه تي هلندڙ. جهنگ ۾ ويهي ڪلام پڙهندو هيو. روحل سان سوال جواب لکيائين تصوف تي. اهي ڪڏهن پوءِ لکندس. پوئين سال سياري ۾ آءٌ جهوڪ ويس ته اتي گهڻا ئي فقير شاهه عنايت جي درگاهه تي آيا. ڪي سگهڙ به هيا. صبح اٿندي ئي ڪلام شروع. جهوڪ جي درگاهه جا شيدائي گهڻيئي آهن، ٻين درگاهن وارا به. آتي هڪڙي فقير کي ڳچ ڪلام ياد هيو ڪنڊڙيءَ وارن جو. حوال ڪندي ٻڌايائين ته اصل اُڏيري لعل جي درگاهه جو آهي، پر ڪندڙي ۽ جهوڪ جا پيو دڳ ڀريندو آهي. جڏهن ان شاهو جو ڪلام پڙهڻ شروع ڪيو ته منهنجا ڳوڙها نه بيهن.  ان ڪلام مان هڪڙو جيڪو منهنجي دماغ تي ويهجي ويو آهي هو عرض ڪجي ٿو. ويرين ۾ ٻه ويري، وتري واري زال ۽ بيٽو بي فرمان، ٻڌايل آهن، جن تي پڙهندڙن کي آءٌ سڏ ڏيندس ته اُهي پنهنجو خيال پيش ڪن…

Read the rest of this entry »

مون کي ڏونگر ڏس ڏين ٿا

Posted by: sughar on: February 4, 2007

 

فقير دريا خان جيڪو ڪنڊڙيءَ شريف جي درگاهه جو آهي، روحل فقير جو پٽ. سندس ڪلام سرائڪي، هندي، ۽ سنڌيءَ ۾ آهي. سر سسئي ۾ فقير دريا خان نه صرف منزل پر رستن جي ساراهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. جي رستي جا ڏونگر منزل جو ڏس ڏين

مون کي ڏونگر ڏس ڏين ٿا، ڙي آيل آديسين جو،

ٻڌي سندرو سچ جو، جي ڪهن سي لهن ٿا.

ووڙ ته لهين ورکي، چاري هيئَن چون ٿا.

چڙهي جبل چوٽ تي، مٿان روح رَمن ٿا.

دريا خان عين عجيب ري، روئڻان ڪين رهن ٿا.

Read the rest of this entry »

اَگياني تي سلوڪ

Posted by: sughar on: January 24, 2007

اَگياني تي سلوڪ

                  (1)

غيرَتَ مَنجهه غَرَقُ، رَهَنِ جيءَ جهانَ جا،

پوُڄِنِ پيرَ فقيرَ کي، رَکي ڦيرُ فَرَقُ،

عاشِقَ چَڙهيا اَڇَ تي، لِنوَ سان ٻَڌي  لَڪُ،

اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ، سامي ڏِسَنِ سُپريِن.

Read the rest of this entry »

ٽِه سِٽا

Posted by: sughar on: January 24, 2007

ٽِه سِٽا  شيخ اياز

 

اڙي شڪاري!

ھن پنڇي جي ٻولڙي

ولر کان نياري.

Read the rest of this entry »

محبت جي وٽي

Posted by: sughar on: January 24, 2007

 صاحبڏنو

ملا، جي محبت جي وَٽي هِڪَ پيئين،

ڇڏي مڪتب معرڪو سوريءَ سر ڏئين،

ڪيئن ٿو تون جيئين ريءَ سِڪَ ”صاحبڏنو“ چوي!

Read the rest of this entry »

چوء سٽا

Posted by: sughar on: January 23, 2007

استاد جا جهنڊا

وجهو ڊوڙ هيڏي، اچو سڀ وڌي!

رني ڪوٽ مان تاج تختي لڌي،

پڙهو ڌيان سان ان جا سونا اکر،

لکيل لفظ آهن ته ”سنڌي .. ٻڌي“

Read the rest of this entry »

هڪ پيار کي ٻيو پاپيءَ کي

Posted by: sughar on: January 23, 2007

تمام خوبصورتيءَ سان چيل آهي هڪ اهم، گهرو، پر ڄاتل سڃاتل احساس. سادي پر پياري ۽ اثرائتي ٻولي استعمال ڪيل آهي. استاد اسان جو هر هڪ جي دل تي راج ڪندو آهي. هن گيت ۾ ساڳئي احساس کي کڻي ڪري مختلف حلقن جي ماڻهن سان ڳندجڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. مختلف شبيهون ڏئي احساس جي پائداري، گهڻائي، گهرائي (تاريخي هجڻ)، پر نماڻي هجڻ جو احساس پڙهندڙ کي هڪ دم ٿيو وڃي.

مان سندس سان بيماريءَ ۾ جڏهن مليو هيس، اکين ۾ تمام گهڻي گهرائي اچي وئي هيس، شايد زمانو اکين ۾ گهر ڪري ويو هجيس، يا ته سنڌ جي پيڙا جو اٿر هجيس، ڪيئن چئجي. جيئن پاڻ چئي ٿو ته ”هڪ پيار کي ٻيو پاپيءَ کي استاد جو پتو هوندءِ“

Read the rest of this entry »

ادل سومرو

Posted by: sughar on: January 23, 2007

 

نئين ٽهيءَ جو اُهو شاعر آهي، فارسي ۽ اردو وزن کي لت هڻي، شعري روايات جي سارا زنجير ثوڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجو ترنم، پنهنجي اندر جي آواز مان اُڀاريو آهي. اڄڪلهه جديد شاعر پاڻ تي ڪو به زنجير رکڻ نٿا چاهين. اُنهن جون اکيون کليل ۽ پير آزاد آهن. ادل سومرو انهن مان برک شاعر آهي.“ _ شيخ اياز

اُنهيءَ کي ڏسيٰ ڪو

ته هُن کي سنڀاريٰ

اونهاري، سياريٰ

Read the rest of this entry »


  • None
  • Fayaz A. Shaikh: Sain, I started this blog last year and I havent written it in a while. I will come back to it some day and update more poetry. Thanks for your comme
  • Abdul Haque Chang: Dear Sir, I like this page. This pages provides us other way to look into Sindhi Sufi way. WHo is managing this?
  • nasrullah abro: I like the poetry of Ustad bhukhare. This one is also very messageful poetry for us............ At this time our SINDH needs unity of sindhis , as Us